راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ٻن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ 9 خارجين کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي دوسالي ۾ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 6 خارجي مارجي ويا، جڏهن ته ٻن کي گرفتار ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ٻيو آپريشن ايشام ۾ ڪيو ويو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 خارجي مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.
بيان ۾ چيو ويو ته مارجي ويل ۽ زخمي خارجين جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود به برآمد ٿيو، جڏهن ته علائقي کي خارجين کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
You might also like