نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي وڏو ڌڪ لڳي ويو، فاسٽ بالر جسپريت بمرا گروپ رائونڊ مان آئوٽ ٿيڻ جو امڪان آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب جسپريت بمرا جي چيلهه ۾ سوڄ آهي، هو بورڊر گواسڪر ٽرافي جي سڊني ٽيسٽ ۾ چيلهه جي تڪليف جو شڪار ٿيو هو.
بمرا کي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي بينگلورو ۾ رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو آهي، سليڪشن ڪميٽي کي سندس فٽنيس رپورٽ کان آگاهه ڪيو ويو آهي، بمرا کي انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ به شامل ناهي ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت چيمپئينز ٽرافي لاءِ اسڪواڊ جمع ڪرائڻ لاءِ واڌ گهري آهي.
واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي لاءِ شروعاتي اسڪواڊ آءِ سي سي کي جمع ڪرائڻ جي اڄ آخري تاريخ آهي پر سليڪٽر بمرا جي فٽينس رپورٽ جي روشني ۾ ٽورنامينٽ ويجهو پهچڻ تي اسڪواڊ جو اعلان ڪرڻ چاهين ٿا.
You might also like