آصف زرداري بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ سنڌ جي زمينن جو سودو ڪيو آهي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته آصف زرداري بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ سنڌ جي زمينن جو سودو ڪيو آهي.
”سنڌو بچايو تحريڪ“ طرفان حيدرآباد کان نڪتل سجاڳي مارچ ۾ ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته صدر آصف زرداري پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي وزيراعظم سليڪٽ ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي زمينن جو سودو ڪيو آهي، سنڌ جون زمينون پليٽ ۾ رکي ڏنيون پيون وڃن ته ايندڙ وزيراعظم لاءِ بلاول جي نالي تي غور ڪيو.
هن چيو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍي اهو پيغام ڏنو پيو وڃي ته سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪيو ويندو، زرداري صاحب! توهان جي ڪري سنڌ تباهه ٿي رهي آهي، سنڌ ۾ تباهي آهي.
سندس چوڻ هو اسان درخواست ٿا ڪيون سنڌ کي بنجر نه بڻايو، هوش کان ڪم وٺو نه ته نتيجا خطرناڪ هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.