خيرپور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي حوالي سان وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
خيرپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني کي ڳالهين لاءِ آڇ ڪئي وئي پر هو نه مڃيو، هو ٻن مهينن کانپوءِ پاڻ درخواست ڪندو ته ها هر ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار آهيان ۽ جيڪڏهن اهڙا فيصلا رهيا ته هي سال پي ٽي آءِ لاءِ ڳرو رهندو.
هن چيو پ پ خواهش رکي ٿي ته پنجاب ۾ سرائيڪي صوبو ٺهي، شهباز حڪومت 5 سال پورا به ڪري سگهي ٿي ۽ نه به پر حڪومت لاءِ هي سال هر لحاظ سان وڏو ڏکيو رهندو.
سندس چوڻ هو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جو پ پ سنڌ جي عوام خلاف ڪو فيصلو ڪري، سنڌو درياهه جي ڪينال ٺاهڻ جو خواب پورو نه ٿيندو، اسان جي خواهش آهي ته ملڪ سٺي نموني هلي.
You might also like