اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي صدر تبديل ٿيڻ سان تبديل ناهي ٿيندي.
پنهنجي بيان ۾ حنا رباني کر چيو ٽرمپ ڪڏهن ڪڏهن جيڪو چوندو آهي اهو ڪندو ناهي، اسان پاڪستان ۾ ويهي اهو اندازو نٿا هڻي سگهون ته دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي.
هن چيو ٽرمپ اچي ويندو ته عمران خان آزاد ٿي ويندو؟ هر ڪو اهو سوال ڪري رهيو آهي، آمريڪا ۾ لابنگ ليگل آهي، انهن ٽرمپ کي گهڻو خرچ ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪير حڪومت ڪري رهيو آهي ڪير نه، آمريڪا کي ان جو ڪو فرق نٿو پئي پر جيڪڏهن لابنگ مضبوط هوندي ته پوءِ نتيجا مختلف ٿي سگهن ٿا.
حنا رباني کر چيو ته پاڪستان جي خطي ۾ ان وقت تمام گهڻي اهميت آهي، ڀارت به خطي ۾ وڏي طاقت آهي، ڀارت روس سان لاڳاپا قائم ڪيا آهن، ان جا آمريڪا سان به سٺا لاڳاپا آهن.
پ پ اڳواڻ چيو ته اولهه اسان کان تمام گهڻو مهذب معاشرو آهي، انساني حقن جو خيال رکندو آهي پر آمريڪا انساني حقن کي نظر ۾ ناهي رکندو، رڳو پنهنجي حقن کي ڏسندو آهي.
Prev Post
You might also like