ميري لينگھ جي رهواسڻ آمريڪي عورت تازو پِڪ 5 ڊرا ۾ ٻائيتاليهه لک ڀارتي رپين جي سورتي کٽي آهي.
جارج ڪائونٽي جي رهواسڻ عورت دعويٰ ڪئي آهي ته کيس کٽرائيندڙ نمبر، رات جو خواب ۾ ڏٺو هو.
پرڏيهي ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب خوشقسمت عورت ٻڌايو ته هن خواب ۾ هڪ نمبر ڏٺو ۽ هڪ هفتو پوءِ هن سورتي واري هڪ ٽيڪٽ ورتي، هن سورتي اختيارين اڳيان انڪشاف ڪيو ته ان جي خواب ۾ اکرن جي هڪ مخصوص ترتيب اڳيان آئي.
هن ٻڌايو ته پنهنجي خواب تي يقين ڪندي هن موڪلن جي ڏينهن ۾ هڪ ٽيڪٽ ورتي ۽ هڪ پارٽي ۾ شرڪت ڪئي، ان رات کانپوءِ هن پنهنجي ٽڪيٽ چيڪ ڪئي ته اهو حيران ٿي وئي جو هن اها سورتي کٽي ورتي هئي.
رپورٽ موجب عورت جو خواب ان وقت سچ ثابت ٿيون جڏهن ڪامياب ماڻهن جو اعلان ڪيو ويو، اهڙي ريت عورت سورتي ذريعي پنجاهه هزار ڊالر انعام جي رقم کٽي ورتي.