انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ ڀارتي ٽيم جو اعلان، محمد شامي جي واپسي

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ ڀارتي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ فاسٽ بالر محمد شامي جي هڪ سال کانپوءِ ٽيم۾ واپسي ٿي آهي، جڏهن ته جسپريت بمرا، رشڀ پنت، يشسوي جئسوال ۽ شُڀمَن گِل کي آرام ڏنو ويو آهي.
انگلينڊ کي خلاف 22 جنوري کان شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ٽيم جي قيادت سوريا ڪمار ياديو کي سونپي وئي آهي.
ٻين رانديگرن ۾اڪشر پٽيل نائب ڪپتان، سنجو سيمسن ( وڪيٽ ڪيپر) اڀيشيڪ شرما، تِلَڪ ورما، هاردڪ پانڊيا، رِنڪو سنگهه ۽ نتيشن ڪمار ريڊي شامل آهن.
ان کانسواءِ ڌرو جوريل ( وڪيٽ ڪيپر ) هرشيت رانا، ارشديپ سنگهه، محمد شامي، ورن چڪرورتي، روي بشنوئي ۽ واشنگٽن سُندر کي به ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.
محمد شامي جي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ آسٽريليا خلاف فائنل مقابلي بعد ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي، جڏهن آسٽريليا خلاف سڊني ٽيسٽ ۾ انجري جو شڪار ٿيندڙ جسپريت بمرا کي پندرنهن رُڪني اسڪواڊ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.
عالمي ڪپ فاتح ٽيم جي رڪن وڪيٽ ڪيپر بيٽر رشڀ پنت به انگلينڊ خلاف سيريز جو حصو ناهي،کيس اوپنر يشسوي جئسوال ۽ شُڀمَن گِل سان گڏ آسٽريليا جي ڊگهي دوري بعد آرام ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.