51 اجتماعي شادين سان ”پنجاب ڌي راڻي“ پروگرام لانچ

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پهريون ”پنجاب ڌي راڻي“ پروگرام لانچ ڪري ڇڏيو.
لاهور جي ميرج هال ۾ 51 اجتماعي شادين جي تقريب سان پروگرام شروع ٿيو ۽ نون جوڙن ۾ 5 ڪرسچن جوڙا به شامل هئا.
مريم نواز سڀني نون جوڙن کي مبارڪباد ۽ دعائون ڏنيون، ڊاڪٽر مفتي محمد رمضان سيالوي ۽ بشپ نديم ڪامران دعا گهرائي.
نون جوڙن کي ميٽرس، کاڌي پيتي جو سامان، ڊنر سيٽ ۽ ٻيا تحفا ڏنا ويا، مريم نواز ڌي راڻي پروگرام سلامي ڪارڊ جي لانچنگ به ڪئي ۽ هر ڪنوار کي موڙو به ڏنو.
ڪنوارون سلامي ڪارڊ ذريعي هڪ لک رپيا موڙو حاصل ڪري سگهنديون، تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي سوشل ويلفيئر کاڌي طرفان مانجهاندو ڏنو ويو ۽ ان موقعي تي مريم نواز چيو ته شادي ٻارن ۽ والدين لاءِ هڪ جذباتي لمحو هوندو آهي، مان توهان جي ماءُ آهيان، مان به خوش آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.