ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ مقامي سطح تي وينٽيليٽر تيار ڪيو ويو آهي. نجي ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته ان جي تياري ۾ نوي سيڪڙو پاڪستاني شيون استعمال ڪيون ويون آهن.
ڪمپني موجب اهو وينٽيليٽر ٻائيتاليهه لک رپين ۾ موجود هوندو، جڏهن ته ٻاهرين ملڪن مان اهو ئي وينٽيليٽر چوراسي لکن کان وڌيڪ ۾ گهرايو ويندو آهي.