لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوني فاسٽ بالر اسٽيو هارميسن چيو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ افغانستان سان ميچ جي بائيڪاٽ واري معاملي تي ڪپتان جوش بٽلر تي سڄو دٻاءُ نه وجهڻ گهرجي.
چيمپيئنز ٽرافي ۾ افغانستان خلاف ميچ کان اڳ، 150 کان وڌيڪ برطانوي سياستدانن انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ کي اپيل ڪئي آهي ته هو عورتن جي حقن جي لتاڙ تي طالبان حڪومت خلاف سخت قدم کڻي ۽ افغانستان خلاف ميچ جو بائيڪاٽ ڪري.
برطانوي خابرو اداري موجب، انگلينڊ ۽ افغانستان جو ميچ 26 فيبروري تي لاهور ۾ شيڊيول آهي، پر سياستدانن جو مطالبو آهي ته اهو ميچ لاهور ۾ نه کيڏيو وڃي ۽ طالبان کي سخت پيغام ڏنو وڃي ته انساني حقن جون ڀڃڪڙيون برداشت نه ڪيون وينديون.
ليبر پارٽي جي رُڪن ٽونيا انٽونياٽزي جي لکيل خط تي ريفارم پارٽي جي اڳواڻ نائجل فراج ۽ ليبر پارٽي جي اڳوڻي سربراهه جيرمي ڪوربن سميت ڪيترن ئي سياستدانن جون صحيحون ٿيل آهن.
”گلوبل پليئرز اسپورٽس ايجنٽس پوڊ ڪاسٽ“ ۾ ڳالهائيندي اسٽيو هارميسِن چيو ته ”مهرباني ڪري ڪپتان جوش بٽلر تي سڄو دٻاءُ نه وجهو جيئن 2003ع واري ورلڊ ڪپ دوران ناصر حسين تي وڌو ويو هو.“
اسٽيو هارميسن 2003 واري عالمي ڪپ ۾ انگلش ٽيم جو حصو هو هن زمبابوي ۾ روبرٽ موگابي جي حڪومت خلاف احتجاجن زمبابوي سان ميچ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي حمايت ڪئي هئي.
روبرٽ موگابي جي حڪومت تي به انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا الزام لڳا هئا.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا، زمبابوي ۽ ڪينيا 2003 واري عالمي ڪپ جي گڏيل طور تي ميزباني ڪئي هئي.
هارميسن وڌيڪ چيو ته ڪپتان جوش بٽلر يا انگلش ڪرڪيٽ ٽيم ان معاملي ۾ نه گهيلڻ گهرجي. اِها انگلش ڪپتان جي ويڙهه نه آهي، آءِ سي سي کي اِهو معاملو ڏسڻ گهرجي.
هن چيو ته 2003 ۾ سڄو ملبو ڪپتان ناصر حسين تي ڦٽو ڪيو ويو، اسان ڪيئي ڏينهن تائين ان معاملي تي پريشان رهيا ۽ اسان جون زندگيون خطري ۾ پئجي ويون. رانديگرن ۽ عورتن کي سياسي معاملن ۾ شامل نٿو ٿيڻ گهرجي.
هاڻي اهڙيون خبرون سامهون آيون آهن ته انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ بائيڪاٽ جي ردعمل کانپوءِ پيدا ٿيندڙ امڪاني سيڪيورٽي نقصانن بابت پريشان آهي.
افغانستان ۾ 2021ع ۾ طالبان جي حڪومت اچڻ کانپوءِ عورتن تي راندين ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لڳائي وئي ۽ ڪيترن ئي عورت رانديگرياڻيون ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويون.
آءِ سي سي جي ضابطن موجب، بورڊ جي مستقل رڪنيت لاءِ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم جو هجڻ لازمي آهي، پر افغانستان تي ڪنهن به قسم جون پابنديون لاڳو نه ٿيون آهن.
انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو موقف ڇا آهي؟
انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رچرڊ گولڊ بائيڪاٽ جي مطالبن جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته هو انگلينڊ کي ميچ کيڏڻ کان محروم ڪرڻ جي بدران آءِ سي سي طرفان گڏيل ڪارروائي جي حمايت ڪندا
برطانوي وزيراعظم جو آءِ سي سي کان معاملي تي ايڪشن جو مطالبو
ٻئي پاسي برطانيا جي وزيرِ اعظم ڪيئر اسٽارمر جي ترجمان آءِ سي سي کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ان معاملي ۾ اڳواڻي ڪري.
پر انگلينڊ جي اڳوڻي فاسٽ بالر هارميسن کي خدشو آهي ته ان معاملي تي سڄو ڌيان جوش بٽلر ڏانهن هليو ويندو.
ڏکڻ آفريڪا پڻ افغانستان خلاف ميچ کيڏڻ وارو آهي، ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ بورڊ به ان معاملي ۾ انگلش بورڊ جي حمايت ڪري چڪو آهي.
سال 1970 ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ نسل پرستي خلاف مهم هلائيندڙ ڏکڻ آفريڪي ڄائي برطانوي سياستدان پيٽر هين بائيڪاٽ جو مطالبو ڪرڻ وارن ۾ شامل آهن.
پيٽر هن 1970 ۾ ان مهم جي اڳواڻي ڪئي هئي جنهن سبب ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم تي پابندي لڳي هئي.
ڪرڪيٽ سائوٿ آفريڪا جي صدر ريحان رچرڊز چيو آهي ته” اسان سمجهون ٿا ته آءِ سي سي جي سڀني رڪنن بورڊز طرفان وڌيڪ متحد ۽ گڏيل نقطه نظر وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿيندو.“
ماضيءَ ۾ ٽيمن جو انڪار
سال 1996ع ۾ آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز، سريلنڪا ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو جڏهن ته 2003ع ۾ نيوزيلينڊ ڪينيا ۽ انگلينڊ زمبابوي ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو، آءِ سي سي انڪار ڪندڙ ٽيمن جي ميچن ۾ مخالف ٽيمن کي پوائنٽس ڏئي ڇڏيون هيون.
پر عالمي ڪپ واري فارميٽ ۽ وڌيڪ ميچن سبب ٽيمن وٽ اڳئين مرحلي تائين پهچڻ جو موقعو موجود هو، انڪري ماهرن موجب چيمپيئنز ٽرافي ۾ ميچ جو بائيڪاٽ مشڪل ٿيندو.
” لاهور ۾ افغانستان خلاف نه کيڏڻ جو مطالبو“ ڏکڻ آفريڪا به انگلينڊ سان گڏ، هارميسن کي ڳڻتي
You might also like