ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايئرپورٽن ويجهو رهندڙن کي دل جي دوري ۽ فالج ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.
اهڙو انڪشاف يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي ماهرن جي سربراهي ۾ ٿيل هڪ تحقيق ۾ ٿيو آهي.
تحقيق موجب هوائي جهازن جي لُڙ جي ڪري ايئرپورٽن جي ويجهو رهندڙ ماڻهن ۾ دل جي دورن ۽ فالج جا خطرا وڌيڪ هوندا آهن.
اهڙي تحقيق لاءِ انگلينڊ جي چئن وڏي ايئرپورٽن جي ويجهو رهندڙ ٽي هزار ڇهه سئو پنجٽيهه ماڻهن جي دل جي اميجنگ جا تفصيل گڏ ڪيا ويا ۽ انهن جي ڀيٽ انهن ماڻهن سان ڪئي وئي جيڪي هوائي جهازن جي لڙ کان پري رهندا آهن.
تجزيي مان خبر پئي ته هوائي جهاز جي لڙ جي ڪري ننڊ ۾ خلل پوڻ ۽ گهر ۾ گهڻو وقت لڙ هجڻ ڪري ايئرپورٽ جي ويجهو رهندڙ ماڻهن ۾ دل جي بيمارين، دل جي دوري توڙي فالج جا خطرا وڌيڪ هوندا آهن.