بيروت (ويب ڊيڪس) لبناني آرمي چيف جنرل جوزف عون ملڪ جو صدر چونڊجي ويو.
صدر جي چونڊ لاءِ اڄ ٿيندڙ پارلياماني اجلاس ۾ لبناني پارليامينٽ جي 128 مان 99 ميمبرن جنرل جوزف عون جي حق ۾ ووٽ ڏنو.
جنرل جوزف عون ووٽنگ جي پهرئين دور ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو هو.
ياد رهي ته اڳوڻي صدر ميشيل عون جو مدو آڪٽوبر 2022 ۾ ختم ٿي ويو هو، جنهن کان پوءِ لبنان ۾ صدر جو عهدو خالي هو.
حزب الله جو حمايت يافتا صدارتي اميدوار سليمان فرنجيا ڪالهه جوزف عون جي حق ۾ هٿ کڻي ويو هو.
60 سالن جي جنرل جوزف عون مارچ 2017 ۾ لبناني فوج جي ڪمان سنڀالي، صدر چونڊجڻ کان پوءِ هن پارليامينٽ ۾ تقرير ۾ چيو ته هو عرب ملڪن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو.
هن چيو ته لبنان وٽ هن وقت شام سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جو هڪ تاريخي موقعو آهي.
جوزف عون اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ ڏکڻ لبنان ۽ بيروت جي ڀرپاسي ۾ تباهه ٿيل علائقن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ چيو ته هو اهو يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندو ته لبنان ۾ هٿيار رکڻ جو اختيار رڳو رياست وٽ هجي.
You might also like