سستي بجلي خواب بڻجي وئي، آءِ ايم ايف طرفان حڪومتي تجويز رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت جو عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ جو خواب ساڀيان نه ٿيو.
وفاقي حڪومت سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي تي آءِ ايم ايف کان راءِ گهري هئي پر آءِ ايم ايف بلن ۾ سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي حڪومتي تجويز رد ڪري ڇڏي.
عالمي مالياتي فنڊ جو چوڻ آهي ته قرض پروگرام تحت نون ٽيڪسن کان ڇوٽ نٿي ڏئي سگهجي، سيلز ٽيڪس ڇوٽ سان ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي.
واضح رهي ته وفاقي حڪومت طرفان بجلي سستي ڪرڻ جا اطلاع سامهون آيا هئا ۽ ان حوالي سان وزيراعظم چيو هو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.