شاهه رخ خان جو گوري کي برقعو پائڻ ۽ نماز پڙهڻ جو حڪم!

بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ سان جو هڪ پراڻو انٽرويو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هن گوري سان شادي وقت پيش آيل دلچسپ واقعي جو ذڪر ڪيو.
فريده جلال جي هڪ پراڻي شور ۾ شاهه رخ ٻڌايو ته گوري جي خاندان کي منهنجي مسلمان هجڻ تي خدشا هئا، مون کي ياد آهي ته گوري جو سڄو ڪٽنب ويٺو هو ۽ مان اتي پهتس، اهي سڀ ان معاملي تي ڳالهائي رهيا هئا ته ڇوڪرو مسلمان آهي، ڇا اهو گوري جو نالو تبديل ڪري ڇڏيندو؟ ڇا ان کي مسلمان بڻائي ڇڏيندو؟
ان ئي انٽرويو ۾ شاهه رخ خان انڪشاف ڪيو ته هن شادي کانپوءِ ساهرن وٽ پهرئين ئي ڏينهن ڀوڳن ۾ گوري کي چيو ته برقعو پا ۽ پنهنجو نالو عائشه رک.
شاهه خان چيو ته اهي سڀ پنجابي ۾ ڳالهائي رهيا هئا، مان ڀوڳن ۾ چيو ته ٺيڪ آهي گوري پنهنجو برقعو پا ۽ نماز پڙهڻ ٿا هلون، منهنجي ان ڀوڳ تي گوري جا گهر ڀاتي مون کي حيرت وچان ڏسڻ لڳا، سوچي رهيا هئا ته شايد مان اڳ ئي ان جو مذهب تبديل ڪرائي ڇڏيو آهي، پوءِ مان چيو ته اڄ کان هيءَ برقعو پائيندي، گهر نه نڪرندي، ان جو نالو عائشه هوندو ۽ ائين ئي رهندي.
پر پوءِ شاهه رخ خان اعتراف ڪيو ته مان جيئن گوري ۽ ان جي گهر ڀاتين سان ڀوڳ ڪيو، خاص طور تي جيئن مذهب جهڙي موضوع تي، اهو جذبن سان کيڏڻ جهڙو هو ۽ اهو عمل مناسب نه هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.