ملير/گڏاپ (نمائندا) ڪراچي جي ريڙهي ڳوٺ ۾ ٻن ڀائرن ۾ جهيڙي ۾ هڪ ڀاءُ قتل، ٻيو زخمي ٿي پيو.
سکڻ ٿاڻي جي حد ريڙهي ڳوٺ جي گهٽي نمبر 7 ۾ ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڀاءُ قتل ٿي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.
مقتول جي سڃاڻپ 30 ورهين جي ڪامران پٽ شاهد الرحمان طور ٿي، جڏهن ته زخمي جي سڃاڻپ 25 ورهين جي عبيد طور ٿي.
واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو مڙهه پوسٽ مارٽم ۽ زخمي کي علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس موجب واقعو ڀائرن ۾ تڪرار جي نتيجي ۾ پيش آيو، جنهن ۾ هڪ ڀاءَ مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
You might also like