قمبر لڳ پراڻي تڪرار تان جهيڙي ۾ پيرسن مارجي ويو

قمبر (ن ع آ) قمبر جي ڊرگهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملوڪ بليدي ۾ پراڻي تڪرار تان بليدي برداري جي ٻن ڌرين جي جيهڙي ۾ گوليون لڳڻ سبب پيرسن قتل ٿي ويو.
مقتول پيرسن مير محمد بليڊي جو مڙهه پوليس پنهنجي تحويل ۾ کڻائي قمبر جي سرڪاري اسپتال پهچايو، جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.