لڪي مروت (ويب ڊيسڪ) فتنه الخوارج سان واسطو رکندڙ دهشتگردن خيبر پختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت جي علائقي ڪبل خيل ۾ ڀتو نه ڏيڻ تي 17 شهرين کي اغوا ڪري ورتو.
فتنه الخوارج جي دهشتگردن ڪبل خيل ۾ ڀتي لاءِ 17 سويلين ورڪرز کي اغوا ڪيو، اغوا ڪيل ورڪر هٿين خالي هئا، جڏهن ته دهشتگردن مقامي ٺيڪيدار جي گاڏي کي به باهه ڏئي ڇڏي.
سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن 8 مغوي ورڪرن کي حفاظت سان آزاد ڪرائي ورتو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب ٻين ورڪرن کي به آزاد ڪرايو ويندو، ان حوالي سان آپريشن جاري آهي.
Prev Post
You might also like