”اڳ ۾ مان“ ڀڳوان جي درشن جي ڪوشش ۾ 6 ڄڻا لتاڙجي فوت، ڪيترائي زخمي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست آنڌرا پرديش جي تروپتي مندر ۾ ڀاڄ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا لتاڙجي فوت ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب تروپتي ۾ سالياني ويڪنٺ درشن ٽڪيٽ ڪائونٽر تي هجوم ۾ افراتفري ٿي وئي ۽ ڀاڄ ۾ 6 ڄڻا فوت، جڏهن ته 40 جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
اهو حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن اوچتو ڪائونٽر کلڻ تي ماڻهو آپي مان نڪري ويا.
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي.
رپورٽن موجب فوتين ۾ 3 عورتون به شامل آهن، جڏهن ته آنڌرا پرديش حڪومت واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.