ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان جي پيءُ سليم خان انڪشاف ڪيو آهي ته سندس پٽ ساٿي اداڪارائن ۾ شادي لاءِ اهڙي خوبي جو متلاشي آهي جنهن جو ملڻ مشڪل آهي.
جيون جي 59 هين ڏاڪي تي پهتل بالي ووڊ سلطان سلمان جا ماضيءَ ۾ ڪيئي اداڪارائن سان رومانوي لاڳاپا رهيا جنهن ۾ايشوريا راءِ، ڪترينا ڪيف، سومي علي، سنگيتا بجلاڻي جهڙيون اداڪارائون شامل آهن، پر ڪنهن سان به ڳالهه شاديءَ تائين نه پهچي سگهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران سليم خان چيو ته سندس پٽ سلمان شادي لاءِ ساٿي اداڪارائن ۾ پنهنجي ماءُ جي صورت ۽ خوبيون ڳولي ٿو ۽ اِهو آسان ناهي، اِهو ئي سبب آهي جو هن اڃا تائين شادي ناهي ڪئي ۽ ڪنوارو آهي.
سلمان خان کي پنهنجي پيءُ جي تمام ويجهو سمجهيو ويندو آهي ۽ اداڪارا جي آئيڊيل سندس ماءُ ئي آهي تنهنڪري هو پنهنجي جيون ساٿي ۾ به پنهنجي ماءُ جهڙيون خوبيون چاهي ٿو.
You might also like