ڀارتي فضائيا سربراهه پنهنجي ادارن جي سنگين نااهلي تي منهن مٿو پِٽڻ لڳو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فضائيا جي سربراهه ايئر چيف مارشل اي پي سنگهه ڀارت جي جهاز سازي جي صنعت تي سوال اٿاري ڇڏيو.
هڪ تقريب دوران اي پي سنگهه چيو ته پراجيڪٽ تيجس (ويڙهاڪ جهاز) جي پراجيڪٽ جي شروعات 1986 ۾ ٿي، جڏهن ته ان جي شروعات جي 17 سالن کانپوءِ پهريون جهاز اڏيو، وري ان جي به 16 سالن کانپوءِ پهريون جهاز فضائيا ۾ شامل ٿيو.
هن چيو ته هيل تائين فضائيا ۾ 40 جهاز به شامل ناهن ٿي سگهيا، اها آهي ته اسان جي پيداواري صلاحيت؟ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ (آر اينڊ ڊي) پنهنجي ٽائم لائن تي پورو نه لهي اهميت وڃائي ڇڏيندو آهي، وقت اهم شئي آهي، اسان کي محققن کي وڌ کان وڌ ڇوٽ ڏيڻ جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو مون کي لڳي ٿو ته اسان وقت ضايع ڪري رهيا آهيون، ڇو ته اسان ناڪامي کان ڊڄون ٿا، جيڪڏهن اسان ٽائم لائن تي پورا نٿا لهون ته ٽيڪنالاجي جو ڪو فائدو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.