ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي بيروزگار نوجوانن کي آسان قسطن تي اليڪٽرڪ وهيڪل ٽيڪسي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ اي وي ٽيڪسي اسمبل ڪندڙ ڪمپني جي اختيارين سينيئر وزير شرجيل ميمڻ سان ملاقات ڪئي، ڪمپني اختيارين شرجيل ميمڻ کي ماحول دوست اي وي ٽيڪسيز جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.
سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي آسان قسطن تي جلد اي وي ٽيڪسي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان شرجيل ميمڻ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کي مختلف بينڪن سان رابطن ۽ مختلف مالياتي ماڊلز تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته بيروزگارن کي آسان قسطن جي منصوبن تي اي ٽيڪسيون فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا، خواهش آهي ته بيروزگار ماڻهو پائيدار انداز ۾ پنهنجو پيٽ پالي سگهن، ماحول دوست اي ٽيڪسيون سنڌ حڪومت جي سرسبز جي عزم موجب آهن.
سندس چوڻ هو ته اهي ٽيڪسيون متعارف ڪرائڻ سان اسان جي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، منصوبو بيروزگارن کي پيرن تي بيهارڻ ۽ پائيدار ذريعن سان اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ جو قدم آهي.
You might also like