ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنهنجي منفرد شخصيت سان شهرت ماڻيندڙ ڪراچي جي اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم بنگوار جا ڀارت ۾ به چرچا ٿيڻ لڳا.
ڪراچي جي اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم بنگوار پنهنجي فيشن ۾ دلچسپي سبب شهرت حاصل ڪئي هئي، هاڻ ڀارتي به سندس فيشن جي تعريف ڪري رهيا آهن.
ڀارت ۾ مشهور شوبز شخصيتن جون خبرون ڏيندڙ ناليواري پاپارازي وائرل ڀاياني پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هاظم بنگوار جي هڪ تقريب ۾ شرڪت جي وڊيو اپ لوڊ ڪئي آهي.
ڀاياني پنهنجي شيئر ڪيل وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ”اسٽائل ۽ سبسٽينس سان پراڻن تصورن کي ٽوڙيندڙ هاظم بنگوار! ڪراچي جي اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم بنگوار سان ملو، جيڪو رڳو هڪ ليڊر ئي ناهي پر اسٽائل آئيڪن، گلوڪار ۽ نغمه نگار به آهي، هي ثابت ڪري ٿو ته توهان هر شعبي ۾ اڳتي وڃي سگهو ٿا، جنهن بابت توهان پرجوش آهيو“.
هاظم بنگوار اسسٽنٽ ڪمشنر بڻجڻ کانپوءِ پنهنجي عوامي ڪمن سبب ته شهرت حاصل ڪئي پر کيس وڌيڪ مشهوري فيشن ۾ دلچسپي رکڻ سبب ملي.
Prev Post
You might also like