ڪيپ ٽائون ( ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان گريم سمٿ آءِ سي سي سربراهه جئه شاهه طرفان تجويز ڪيل ٽو ڊويزن ٽيسٽ ڪرڪيٽ فارمولي جي مخالفت ڪري ڇڏي.
ٽو ڊويزن ٽيسٽ ڪرڪيٽ متعارف ڪرائڻ بابت ڪجهه ڏينهن اڳ خبرون سامهون آيون هيون.
هاڻي ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي ڪپتان گريم سمٿ ان فارمولي تحت ٽيسٽ ميچن جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي اڳوني ڪپتان ڪلائيو لائيڊ به ٽو ڊويزن ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي غير متاثر ڪندڙ قرار ڏنو آهي.
گريم سمٿ سوال اُٿاريندي چيو ته ڇا اوهان اهڙي دنيا ڏسي سگهو ٿا جتي رڳو ٽي ملڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏن؟
سندس چوڻ هو ته مون نوٽ ڪيو آهي ته انگلينڊ، ڀارت ۽ آسٽريليا هڪٻئي سان ايندڙ سرڪل ۾ ڪيترو کيڏي رهيا آهن اِهو ٻين ملڪن لاءِ انتهائي مشڪل آهي.
هن چيو ته هي شايد ڀارت لاءِ ته بهترين آهي ڇو ته ٻيا ملڪ ڀارت کي مالي طور تي بهتر سمجهن ٿا، پر دنيا ۾ ڪهڙي اهڙي راند آهي جتي رڳو ٽي ملڪ پاڻ ۾ کيڏندا آهن؟
اڳوڻي آفريڪي ڪپتان چيو ته آءِ سي سي ڪيئن اهڙو فارملو تيار ڪري سگهي ٿو جيڪو رڳو ٽاپ ٿري لاءِ سٺو هجي؟
You might also like