”ملٽري ڪورٽ ٽرائل اي پي ايس جهڙن جوابدارن لاءِ هو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جي ڪيس ۾ جسٽس مسرت هلالي چيو ته سويلين جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل رڳو اي پي ايس جهڙن ڏوهارين تي ٽرائل لاءِ هو، ڇا سڀني سويلينز سان اهڙو ورتاءُ ڪري سگهجي ٿو؟
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ بچاءَ واري وزارت وڪيل خواجا حارث دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر چيو ته آرٽيڪل 233 بنيادي حقن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آئين موجب به رولز معطل ٿيندا آهن ختم نه، آرٽيڪل 5 موجب به حق معطل نٿا ٿي سگهن.
بچاءَ واري وزارت جي وڪيل چيو ته ماضي ۾ هڪ ڪيس ۾ طئي ٿي چڪو هو ته سويلين جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل ٿي سگھي ٿو، اڪثريتي فيصلي ۾ آرٽيڪل 8 (3) ۽ 8 (5) جي غلط تشريح ڪئي وئي، غلط تشريح جي بنياد تي چيو ويو ته ايف بي علي جو ڪيس الڳ نوعيت جو هو، ايف بي علي تي رٽائرمينٽ کان پوءِ ٽرائل هلايو ويو، جڏهن هو شهري هو، فيصلي ۾ چيو ويو ته جرم ڪندي هو ريٽائر نه هو، ان ڪري ان جو ڪيس الڳ آهي.
ان تي جسٽس مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ڏسون ٿا ان تي اسان توهان سان اتفاق ڪريون ٿا يا نه، موجوده ڪيس ۾ 9 مئي جا جوابدار آرمڊ فورسز سان تعلق نٿا رکن، اڄڪلھه هڪ اصطلاح ايڪس سروس مين جي آهي، اهي ايڪس سروس مين به نه هئا، هلو اسان رڳو شهري جي اصطلاح استعمال ڪريون ٿا.
جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ٻڌايو سويلين جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ ٿي سگھي ٿو يا ناهي؟ جسٽس مسرت سوال ڪيو جڏهن آرمي ايڪٽ ۾ اچون ٿا ته ڇا سڀ بنيادي حق معطل ٿي ويندا آهن؟ جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته ان ۾ انٽرنيشنل پريڪٽس ڇا آهي؟ ڇا توهان وٽ ڪو مثال آهي؟
ججز جي سوالن تي بچاءَ واري وزارت جي وڪيل چيو ته مون وٽ مثال موجود آهن، اڳتي ان تي به ڳالهائيندس.
جسٽس مندوخيل سوال ڪيوته اسان جا ڪيترائي جوان شهيد ٿي وڃن ٿا، ڇا حملي آورن جو به فوجي ٽرائل ٿيندو؟ سوال اهو آهي ته شهيدن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ ڇو نٿا هلن؟ ڪهڙا ڪيس آھن جيڪي آرٽيڪل 8 جي شق 3 تحت فوجي عدالتن ۾ هلڻ گهرجن؟ خواجا حارث جواب ڏنو ته هن ڪيس ۾ اسان اهو نٿا ڏسون ته مستقبل ۾ ڪهڙن ماڻهن جو ٽرائل ٿي سگھي ٿو، ان تي جسٽس مندوخيل چيو سوال اهو آهي ته سويلين جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪيتري حد تائين ٿي سگھي ٿو؟
جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته سويلين جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل اي پي ايس جهڙن جوابدارن تي ٽرائل لاءِ هو، ڇا سڀني سويلينز سان اهڙو ورتاءُ ڪيو وڃي؟ پاڪستان جو آئين معطل ناهي. ان تي وڪيل خواجا حارث جواب ڏنو ته بنيادي حق رهندا آهن، جن تي عدالتي فيصلا موجود آهن.
عدالت وڌيڪ دليلن لاءِ ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.