اِهو چوڻ ضروري ناهي ته هن وقت ۾ گهڻي قدر ماڻهو پنهنجو گهڻو وقت سمارٽ فونز تي گذارين ٿا.
هي ڊيوائس رڳو رابطي جو ذريعو ناهي، پر ان تي وقت ڏسندا آهيون، نوان ماڳ ڳوليندا آهيون، الارم لاءِ ان جو استعمال ڪندا آهيون، ٽڪيٽون بڪ ڪرائيندا آهيون، وڊيوز ڏسندا آهيون، دوستن سان منصوبا يا پروجيڪٽ شيئر ڪندا آهيون.
اِهي ته رڳو سمارٽ فونز جي استعمال جي طريقي جا ڪجهه مثال آهن، باقي هن ڊيوائس ذريعي ڪيترا ڪم ڪري سگهجن ٿا ان جي فهرست تمام ڊگهي آهي.
پر اسڪرِين ٽائيم ۾ اضافي سبب صحت تي مختلف ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا ۽ وقت جو زيان به ٿئي ٿو.
ته ڇا هن عادت کان بچڻ جو ڪو سولو طريقو آهي؟
ويجهڙ ۾ هڪ پوڊڪاسٽ دوران ميزبان هڪ ٽيڪنڪ شيئر ڪندي دعويٰ ڪئي هئي ته رڳو 6 منٽن اندرسمارٽ فون جي عادت تي ظابطو آڻي سگهجي ٿو.
ميزبان ٻڌايو ته هڪ تحقيق ۾ اهو دريافت ٿيو ڪيو ويو آهي رڳو 6 منٽ ڪو ڪتاب پڙهڻ سان ذهني دٻاءُ ۾ 68 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي ٿي ۽ جڏهن دٻاءُ گهٽجندو آهي ته ڌيان ڏيڻ واري صلاحيت مضبوط ٿيندي آهي ۽ فون استعمال ڪرڻ جي خواهش آڏو بند ٻڌڻ سولو بڻجي ويندو آهي.
برطانيا جي سسيڪس يونيورسٽي جي 2009 ۾ جي هڪ تحقيق موجب، ڪتابن جو مطالعو رڳو خيالن کي ڀٽڪڻ کان ئي نٿو روڪي، پر اوهان جي تخيل کي به مصروف رکي ٿو ڇو ته لکت وارن لفظن جو تخيل متحرڪ ڪندو آهي ۽ ان سان شعوري ڪيفيت ۾ تبديليون اينديون آهن.
ان ڏس ۾ ٻين ماهرن جو به چوڻ آهي ته ٽيڪنالاجي ۽ دماغي فعل وچ ۾ ڳوڙو ڳانڍاپو آهي ۽ فون تي تمام گهڻو وقت گذارن سان ناڪاري اثر پوندا آهن جنهن جي روڪٿام ضروري آهي.
هنن ٻڌايو ته مطالعي سان اسان جو ذهن سرگرم ٿيندو آهي ۽ ڪيئي تحقيقي رپورٽس مان ثابت ٿيو آهي ته اِها عادت ذهني فعل کي بهتر بڻائڻ لاءِ اثرائتي آهي.
سندن چوڻ هو ته مطالعي سان نه رڳو ذهن متحرڪ ٿئي ٿو پر ڀيٽڻ ۽ گهرائي ۾ وڃي تجزيو ڪرڻ جهڙين صلاحيتن ۾ به بهتري اچي.
ماهرن موجب، ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه منٽ کان هڪ ڪلاڪ تائين مطالعو ڪرڻ سان ذهن کي فائدو پهچي ٿو.
سمارٽ فون جي عادت تي ظابطي واري ڳالهه بابت سندن چوڻ هوته ٽيڪنالاجي سان گڏ صحتمنداڻي تعلق سبب به ذهني فعل متحرڪ ٿيندا آهن، پر جڏهن اها عادت بڻجي وڃي ته مطالعي سان ان تي ظابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي.