فيصل آباد: هٿياربندن ٿاڻي ۾ گهڙي 3 مخالف قيدين کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس بيوس

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد جي علائقي تاندليانوالا ۾ هٿياربندن ٿاڻي ۾ گهڙي قيد مخالفن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب هٿياربندن صدر ٿاڻي ۾ قيد مخالفن تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته 3 جوابدار قتل ڪيس ۾ گرفتار هئا، ذريعن موجب واقعي ۾ مارجي ويل ٽئي جوابدار ڀائر هئا، جڏهن ته زخمي ٿيندڙ سندن ڪزن آهي.
سي پي او فيصل آباد ڪامران عادل واقعي جو نوٽيس وٺندي ٿاڻي جي سيڪيورٽي ۾ غفلت جو مظاهرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
آءِ جي پوليس واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو ۽ معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جڏهن ته پوليس شڪ جي بنياد تي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.