ٻارن سان زيادتي جي ڪيسن تي نين عدالتن جي قيام جو بل اڪثريتي راءِ سان منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ٻارن سان زيادتي لاءِ نين عدالتن جي قيام جو بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو.
اجلاس ۾ ن ليگ ميمبر سيده نوشين افتخار بل پيش ڪيو، ميمبرن ٻارن سان زيادتي جي ڪيسن لاءِ چائلڊ ڪورٽس جي قيام جو بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو.
بل تحت فوجداري ضابطن ۾ ترميم کانپوءِ ريپ جي شڪار ٻارن لاءِ چائلڊ ڪورٽس جو قيام ٿيندو.
نوشين افتخار چيو ته بل تحت مئجسٽريٽ زيادتي جو شڪار ٻارن کان بيان سٺي ماحول ۽ نفسياتي ماهر جي موجودگي ۾ رڪارڊ ڪندا، جڏهن ته چائلڊ ڪورٽس 6 مهينن ۾ ڪيسن جو فيصلو ٻڌائڻ جون پابند هونديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.