جئه شاهه جي نئين چال، هڪ ڀيرو ٻيهر بِگ ٿري منصوبي تي غور

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بِگ ٿري جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تي حڪمراني لاءِ جئه شاهه هاڻي نئين چال کيڏڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.
ڀارت، آسٽريليا ۽ انگلينڊ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي پنهنجن هٿن ۾ وٺڻ جو منصوبو بڻائي ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ٽنهي بورڊن جو هڪ ٻئي سان بارڊر گواسڪر ٽرافي جي طرز تي وڌ کان وڌٽيسٽ سيريز کيڏڻ جو پلان آهي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين جئه شاهه ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيئرمين مائڪ بيئرڊ ۽ انگلينڊ بورڊ جي چيئرمين رچرڊ ٿامپسن جي وچ ۾ هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ملاقات جو امڪان آهي.
ملاقات ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو نئون اسٽرڪچر ايجنڊا ۾ شامل آهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ اِهو پلان موجودا 2027 تائين جي ايف ٽي پي کانپوءِ عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ٽيسٽ ڪرڪيٽ اسٽرڪچر ۾ تبديلي سان ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ وڌيڪ هڪ سائڪل تائين جاري رهي سگهي ٿي، انگلينڊ ٽيم جو ڪپتان بين اسٽوڪس ڊبليو ٽي سي تي اڳ ۾ ئي تنقيد ڪري چڪو آهي.
سينيئر ڪرڪيٽ شخصيتن جو بهترين ٽيمن جو هڪ ٻئي سان وڌيڪ مقابلن تي زور
ڪرڪيٽ جي ڪجهه سينيئر شخصيتن به بهترين ٽيمون هڪ ٻئي سان وڌيڪ مقابلي تي زور ڏنو آهي.
2 ڊويزن ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو پلان 2016 ۾ آءِ سي سي ۾ بحث هيٺ آيو هو، 2016 جي پلان موجب 7 ملڪ ٽاپ ڊويزن ۾ جڏهن ته 5 سيڪنڊ رينڪ ۾ مقابلو ڪندا، 2016 ۾ تڏهن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ 2 ڊويزن سسٽم جي خلاف ووٽ ڏنو هو.
ان وقت بي سي سي آءِ چيو هو ته 2 ڊويزن سسٽم سان ننڍن بورڊن کي مالي نقصان ٿيندو.
بگ ٿري يعني ڀارت، آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ وڌيڪ ڪرڪيٽ ميچن سان براڊ ڪاسٽرز جا مفاد پڻ جڙيل آهن، براڊ ڪاسٽرز پڻ چاهين ٿا ته ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌ ۾ وڌ کان ميچز ٿين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.