190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي جي خلاف 190ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس جو فيصلڪو 13 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
عدالتي عملي جو چوڻ آهي ته احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا اڄ موڪل تي آهي، 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس جو فيصلو 13 جنوري تي ٻڌايو ويندو.
عدالتي عملي نيب پراسيڪيوٽر ۽ پي ٽي آءِ وڪيلن کي به فيصلي جي نئين تاريخ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا 190 ملين پائونڊ جو فيصلو 18 ڊسمبر کي محفوظ ڪيو هو.
پهريان 23 ڊسمبر تي ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي پر عدالت فيصلي ٻڌائڻ جي تاريخ ملتوي ڪري 6 جنوري مقرر ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.