ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ۽ بابر اعظم نئين تاريخ لکي ڇڏي، ٻنهي ڏکڻ آفريقا خلاف ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ وڏي اوپننگ پارٽنر شپ جو رڪارڊ قائم ڪري ورتو.
ڪيپ ٽائون ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ شان مسعود ۽ بابر اعظم اوپننگ ڪرڻ آيا ۽ ٻنهي 205 رنسن جي وڏي پارٽنرشپ قائم ڪري نئون رڪارڊ جوڙي ورتو.
بابر اعظم 205 جي مجموعي اسڪور تي 81 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ مارڪو جانسن جو شڪار بڻيو، جڏهن ته شان مسعود 102 رنسن جي اننگز کيڏي ڪريز تي موجود آهي.
ان کان اڳ ڏکڻ آفريقا خلاف سڀ کان وڏي اوپننگ پارٽنرشپ جو اعزاز عمران فرحت ۽ توفيق عمر وٽ هو، جن 2003 ۾ فيصل آباد ۾ 137 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي هئي.
You might also like