ڪيپ ٽائون ٽيسٽ: فالو آن کانپوءِ پاڪستان جي شاندار واپسي، هڪ وڪيٽ تي 213 رنسون

ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪيپ ٽائون ٽيسٽ ۾ فالو آن جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ ٻي اننگز ۾ شاندار واپسي ڪندي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 213 رنسون ٺاهي ورتيون.
پاڪستان ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 213 رنسون ٺاهيون آهن، ڪپتان شان مسعود 102 ۽ خرم شهزاد 8 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن، جڏهن ته بابر اعظم 81 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو.
ڏکڻ آفريقا طرفان واحد وڪيٽ مارڪو جانسن ورتي، پاڪستان کي پروٽيز جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 208 رنسون گهربل آهن.
ان کان اڳ قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ 194 رنسن تي ڍير ٿيندي فالو آن جو شڪار ٿي وئي ۽ ڏکڻ آفريقا پهرين اننگز ۾ 421 رنسن جي سرسي ماڻي ورتي.
ڪيپ ٽائون ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان 3 وڪيٽن جي نقصان تي 64 رنسن کان رهيل اننگز شروع ڪئي ته بابر اعظم 31 ۽ محمد رضوان 9 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا، پاڪستان کي پروٽيز جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 551 رنسون گهربل هيون.
ٽئين ڏينهن بابر اعظم ۽ محمد رضوان ڪجهه دير ڪريز تي بيٺا، جنهن کانپوءِ پاڪستان جون هڪٻئي پويان وڪيٽون ڪِري پيون ۽ سڄي ٽيم 194 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
بابر اعظم 58 ۽ محمد رضوان 46 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، سلمان آغا 19، عامر جمال 15، خرم شهزاد 14، مير حمزا 13 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريقا طرفان ربادا 3، مهاراج ۽ مپاڪا 2-2، جڏهن ته مارڪو جانسن ۽ ملڊر هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
پاڪستان ٽيم فالو آن جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ ڏکڻ آفريقا ٻيهر پاڪستان کان بيٽنگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.
واضح رهي ته پروٽيز پهرين اننگز ۾ 615 رنسون ٺاهيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.