برازيليا (ويب ڊيسڪ) فحش مواد جي ميگزين ”پلي بواءِ“ جي اڳوڻي برازيلين ماڊل جوليانا آئزن کي نئين سال جي شام ڪتي ڏاڙهي وڌو.
برازيل جي ماڊل جوليانا آئزن 2015 ۾ برازيلي حڪومت خلاف ڪپڙن کي آجي ٿي احتجاج ڪرڻ سبب شهرت ماڻي هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب نئين سال جي شام جوليانا تي هڪ ڪتي حملو ڪري سندس نڪ کي زخمي ڪري وڌو.
برازيلين ماڊل ميڪسيڪو سٽي ۾ نئين سال جي موقعي تي هڪ پارٽي ۾ موجود هئي، ڪتي جي چڪڻ کانپوءِ ماڊل کي سرجري ڪرائڻي پئجي وئي.
جوليانا کي لاس اينجلس جي اسپتال نيو ويو، جتي سندس علاج ڪيو ويو.
You might also like