مديني شريف ۾ حاضري جي خواهشمندن لاءِ وڏي خوشخبري

رياض (ويب ڊيسڪ) مديني شريف ۾ حاضري جي خواهشمندن لاءِ وڏي خوشخبري سامهون اچي وئي.
حرمين شريفين جي انتظامي معاملن جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن موجب مسجد نبوي صه رياض الجنه ۾ هڪ سال دوران رڳو هڪ ڀيرو نفل ادا ڪرڻ جي حوالي سان پابندي کي هٽايو ويو آهي.
رياض الجنه ۾ سڄي سال ۾ هڪ ڀيرو نفل ادا ڪرڻ جي حوالي سان لاڳو پابندي ختم ٿي وئي آهي پر نسڪ موبائل ذريعي پرمٽ جو شرط برقرار رهندو.
نين هدايتن موجب سمورا زائرين نسڪ موبائل ايپ ذريعي هر 20 منٽن کانپوءِ نئون اجازت نامو حاصل ڪري سگهن ٿا.
مسجد نبوي صه ۾ موجود زائرين به نئين شيڊيول موجب موبائل ايپ ذريعي رياض الجنه ۾ نفل ادا ڪرڻ لاءِ اجازت ناما حاصل ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.