ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس چيو آهي ته ننڍپڻ ۾ ئي پيءَ جو لاڏاڻو ٿي ويو، مان ايڏي ننڍي هيس جو پيءَ جي لاڏاڻي تي کَلي رهي هيس، مون کي سمجهه نه هئي.
آمنا الياس جي پيءَ جي لاڏاڻي تي ڳالهائيندي روئڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي، مختصر وڊيو ۾ کيس پنهنجي پيءَ جي لاڏاڻي تي ڳالهائيندي ڏسي سگهجي ٿو.
هن ٻڌايو ته ننڍپڻ ۾ ئي پيءَ جو لاڏاڻو ٿي ويو هو، جڏهن والد گذاري ويو ته ماءُ جي عمر 30 سال هئي، هن وڏي ڏکيائين سان منهنجي پرورش ڪئي، مان ڪيتريون ئي ڏکيائيون ڏٺيون، گهر ۾ ڪو مرد نه هجڻ سبب ڪيترائي ڏکيا مرحلا آيا.
سندس موجب ڪو غلط رويو اختيار ڪندو هو ته دانهن ڏيڻ لاءِ ڪو مرد نه هوندو هو، مون کي گهر ۾ مرد جي کوٽ محسوس ٿيندي هئي، جڏهن پيءَ جو لاڏاڻو ٿيو ته مان تمام ننڍي هيس ۽ مون کي کَل اچي رهي هئي، مون کي اها سمجهه نه هئي ته لاڏاڻي جو مطلب ڇا هوندو آهي.
آمنا الياس چيو ته اسان جون مالي حالتون ٺيڪ نه هيون، تنهن ڪري مون کي ڪم ڪرڻو پيو پر هاڻ حالتون ٺيڪ آهن ۽ مان شوق سان ڪم ڪندي آهيان، زندگي ۾ جڏهن به ٿڪجي پوندي آهيان ته پيءُ ياد ايندو آهي.
Prev Post
You might also like