جسم جي مختلف حصن تي ظاهر ٿيندڙ نشانن ۽ علامتن مان ته صحت سميت ٻين ڪيترين ئي ڳالهين جي نشاندهي ٿيندي ئي ٿيندي آهي پر هٿ توڙي پيرن جي رڳن ۽ بناوت وارو انداز به ڪنهن نه صورت ۾ رڳن ۽ ٻين ڳالهين سان جڙيل هجي ٿو جنهن کي نوٽ ڪندي ڪيترين ئي ڳالهين جي سڌ لهي سگهجي ٿي.
اهڙي ئي حوالي سان آنڱوٺي به انساني شخصيت بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائيندو آهي، جنهن لاءِ انگوٺي جي بناوت کي چئن مختلف قسمن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر قسم لاءِ مختلف شخصيت جي ظاهري کي مقرر ڪيو ويو آهي.
ڄاڻايل تصوير ۾ جيڪڏهن ڪنهن جي انگوٺي جي بناوٽ”اَي“ واري آهي مطلب ته انگوٺي جي ٻنهي جوڙن جي ڊيگهه هڪ جيتري آهي ته ان مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ته شخصيت جي حوالي سان اهو ماڻهو هم آهنگ آهي.
جيڪڏهن ڪنهن جي آنڱوٺي جي بناوٽ ”بِي“ جهڙي مطلب ته آنڱوٺي جو پهريون ۽ مٿيون حصو ٻئي نمبر حصي يا هيٺين حصي کان وڏو آهي ته اهڙا ماڻهو هر ڪم يا هر شيءِ ۾ ڪامليت پسند هوندا آهن.
جيڪڏهن ڪنهن جي آنڱوٺي جي بناوٽ ”سي“ جهڙي مطلب ته ان ۾ آنڱوٺي جو هيٺيون حصو يا جوڙ مٿين حصي يا جوڙ کان ڊگهو آهي ته اهڙا ماڻهو محنتي ۽ لڳاءَ پسند هوندا آهن.
پر جيڪڏهن ڪنهن جي آنڱوٺي جي شڪل”ڊي“ واري هجي جنهن ۾ آنڱوٺي جو منڍ هٿ جي پٺين حصي تي لڙيل هجي ته اهڙا ماڻهو درگذر ڪرڻ وارا ۽ مفاهمت پسند هوندا آهن.
۽ جيڪڏهن ڪنهن جي آنڱوٺي جي صورت ”اِي“ جهڙي هجي مطلب ته آنڱوٺو گهڻو سخت، گهٽ يا چرچر نه ڪندڙ هجي ته اهڙا ماڻهو مضبوط ارادن وارا ۽ پرعزم شخصت جي نشاندهي ڪندڙ آهن.