حڪومت تي پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪو دٻاءُ ناهي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ حڪومت تي ڪو دٻاءُ ناهي پر ڳالهين جو مقصد سياسي ڇڪتاڻ گهٽائڻ آهي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين ۾ اڃا تائين ڪا هاڪاري اڳڀرائي ناهي ٿي، پي ٽي آءِ کي هڪ هفتي جو وقت ڏنو ويو آهي ۽ امڪان آهي ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿيندي.
هن چيو ته ڳالهين جو عمل اڃا تائين محدود آهي، پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ حڪومت تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ ناهي، سياسي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت تي ڳالهين لاءِ دٻاءُ هجي ها ته ملڪي معيشت بحال نه ٿئي ها، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ رڪارڊ سطح پار ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.