گهر خالي ڪرائڻ لاءِ مالڪ جو ڪرائيدار عورت سان انوکو حشر

ڏکڻ فرانس ۾ هڪ گهر مالڪ پنهنجي ڪرائيدار کان گهر خالي ڪرائڻ لاءِ انوکو طريقو هٿ ڪيو.

فرانس ۾ ڪرائيدارن کي سياري جي موسم ۾ گهر مان ڪڍڻ قانوني ڏوهه هوندو آهي، ڀلي جو اهو مهل تي ڪرايو ڏئي ٿو يا نٿو ڏئي پر انکي ڪو به مالڪ نٿو ڪڍي سگهي.

اهڙي صورتحال ۾ هڪ ڪرائيدار طرفان ڪرايو نه ڏيڻ تي گهر جي مالڪ گهر جا دروازا ۽ دريون ڪڍرائي ڇڏيون ۽ ڪرائيدار کي اهو چيو ته هو در ۽ دريون پراڻيون ٿي ويون آهن جنهن جي ڪري هو اهي مٽرائي رهيو آهي.

ڪرائيدار عورت در ۽ دريون نه هجڻ ڪري سڄي رات سخت سيءَ ۾ ڏڪندي گذاري.

ڪرائيدار عورت هڪ ٻار جي ماءُ آهي ۽ هن چيو ته جيئن پهتس ته مزدور دَر ۽ در کنيو پئي ويا.

عورت چيو ته درن ۽ درين تي ڪپڙا ٽنگي گذارو ڪيو آهي، هاڻي خوف جي ڪري گهر مان نڪري به نٿي سگهان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.