لاهور (ويب ڊيسڪ ) وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو پاڪستان ٽيم هڪ ڏکئي دور مان نڪتي آهي، ڏکڻ آفريڪا خلاف وائيٽ بال سيريز ۾ ڪارڪردگي مان خوش آهيان.
قومي ڪپتان هيڊ ڪوچ عاقب جاويد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل سال ٽيم سخت محنت ڪئي، هن سال ٿيندڙ ميچن ۾ سٺا نتيجا آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
ان موقعي تي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد چيو ته ڪرڪيٽ شوقين ٽيم مان مايوس ٿي ويا هئا ڪاميابي خوشيون آڻيندي آهي، انگلينڊ سيريز کان کان مداحن کي پاڪستان ٽيم مان اميدوننه هيون.
هن چي ته سليڪشن ڪميٽي نعمان علي، ساجد خان ۽ عباس کي ڊگهي عرصي کانپوءِ واپس آندو، ڪرڪيٽ ۾ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، هڪ رانديگر کي ٻارهن مهينن تائين ٽيم ۾ نٿا رکي سگهون.
هن چيو ته ريڊ ۽ وائيٽ بال ٽيمن کي ڌار ڪرڻو پوندو، رانديگرن جڏهن هر وقت کيڏندا رهندا ته سندن ذاتي زندگي ختم ٿي ويندي آهي، ويسٽ انڊيز خلاف سيريز اسان لاءِ نئون چئلينج آهي.
You might also like