ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ تي جدي ويندڙ مسافر وٽان هڪ ڪلوکان وڌيڪ هيروئن هٿ ڪئي وئي.
اي ايس ايف ترجمان موجب ڪراچي ايئرپورٽ تي اي ايس ايف جي عملي ڪراچي کان جدي جي اڏام جي مسافر امجد علي جي سامان ۾ منشيات جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي، منشيات وڏي مهارت سان سامان ۾ سوپ جي پيڪنگ ۾ لڪائي وئي هئي.
عملي مسافر جي سامان جي تلاشي تي 1060 ڪلو گرام هيروئن برآمد ڪري سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، جوابدار کي شروعاتي جاچ کانپوءِ وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ برآمد منشيات سان گڏ اي اين ايف اختيارين حوالي ڪيو ويو.
You might also like