ڪراچي پورٽ جو ڪم ريئل اسٽيٽ هلائڻ ناهي،برآمد وڌائڻي پوندي: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف 81 مهينن کانپوءِ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه خوش آئند آهي ته ڊسمبر 2024ع ۾ مهانگائي جي شرح 4.1 سيڪڙو تائين پهچي ويندي، معاشي استحڪام حاصل ڪيو ويو آهي، پر اها رڳو شروعات آهي.  حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي  تي هلي رهي آهي، 24 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس بڻجي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيڪي ٽارگيٽ آءِ ايم ايف سان فڪس ڪيا آهن، انهن ۾ چڱو فرق آهي، ترقي لاءِ برآمدن کانسواءِ ڪو آپشن ناهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ”اڙان پاڪستان“ جهڙو پروگرام ملڪي معيشت کي وڌيڪ مضبوط ڪندو، ڊسمبر مهيني ۾ هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، اسان کي گروٿ سيڪٽر ۾ ٽيڪ آف ڪرڻو آهي ۽ اڳتي وڌڻو آهي. هن چيو ته اسان جي ترقي جون بنياد برآمد آهي، برآمد ۾ واڌ کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو آپشن ناهي، ڪراچي پورٽ تي فيس ليس انٽر ايڪشن شروع ٿي چڪو آهي. جڏهن مان گذريل سال جولاءِ ۾ ڪراچي پورٽ ويو ته مون کي ٻڌايو ويو ته اسان فلاڻي جاءِ تي ريئل اسٽيٽ ٺاهي رهيا آهيون.  وزيراعظم چيو ته مون کي تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس ٿيو ۽ مون کين چيو ته توهان جو ڪم پورٽ هلائڻ يا ريئل اسٽيٽ هلائڻ آهي؟. وزيراعظم چيو ته بل گيٽس فائونڊيشن کان 6 ملين ڊالرن جي فنڊنگ ذريعي گذريل سال اپريل ۾ ايف بي آر ۾ 100 سيڪڙو ڊيجيٽلائيزيشن کانپوءِ ڪراچي پورٽ ۾ فيس ليس رابطي جو ٽرائل رن شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنٽينرز جي انسپيڪشن جو وقت 39 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي ۽ واپارين کي رليف مليو آهي. هن چيو ته  تيل جي سمگلنگ ۾ به گهٽتائي آئي آهي ۽ ان جو ڪريڊٽ آرمي چيف ڏانهن وڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته اسان آءِ ايم ايف سان جيڪي هدف مقرر ڪيا آهن، انهن ۾ چڱو فرق آهي، ڪاميابين سان حوصلو ملڻ گهرجي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نئين سال جي شروعات تي پاڪستان جي خوشحالي لاءِ دعا گهرو. جيڪڏهن اسان ثابت قدمي ۽ محنت سان پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ته نئين سال ۾ پاڪستان لاءِ اڏام پروگرام هڪ سٺو سنوڻ ثابت ٿيندو. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي معاشي ترقي جو مقصد آهي ته پوءِ اسان وٽ ايڪسپورٽ جي بنياد تي ترقي کانسواءِ ڪو به آپشن ناهي، ترقي جي حوالي سان اي ڊي آر (ايڊوانس ٽو ڊيپازٽ ريشو) جي حوالي سان پيش رفت آهي. جنهن جي نتيجي ۾ خزاني کي 72 بلين ڊالرن جي آمدني ٿي ۽ آءِ ايم ايف جي ڊسمبر جي آمدني جي هدف جو 97 سيڪڙو حاصل ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.