انساني حقن بابت ڪميٽي جلد اڊيالا جيل جو دورو ڪندي

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) اسلام آباد کي 26 نومبر جي احتجاج بابت بريفنگ لاءِ ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو، جڏهن ته ڪميٽي جلد اڊيالا جيل جو دورو ڪندي، ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين صاحبزاده حامد رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، ڪميٽي ۾ ٻارن جي شادي جي عمر مقرر ڪرڻ بابت ڪميٽي ميمبر شرميلا فرقي جي چائلڊ ميريج بل تي غور ڪيو ويو، مذهبي معاملن واري وزارت اجلاس کي ٻڌايو ته نڪاح جو معاملو انساني حقن سان گڏوگڏ شرعي ۽ مذهبي مسئلو آهي، ان ڪري ان بل کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ مذهبي معاملن واري وزارت کي نظرثاني لاءِ موڪليو وڃي، ڪميٽي ميمبرن تجويز ڏني ته ڇوڪرين جي ننڍي عمر جي شادي روڪڻ لاءِ سنڌ وانگر اسلام آباد ۾ به شادي جي عمر 18 سال مقرر ڪئي وڃي، ڪميٽي بل تي ووٽنگ ڪرائي جنهن تي اڪثريت ميمبرن بل کي مذهبي معاملن واري وزارت ڏانهن موڪلڻ جي مخالفت ڪئي۽ انساني حقن واري ڪميٽي ۾ بل پيش ڪرڻ تي راءِ ڏني، ڪميٽي بل کي انساني حقن واري ڪميٽي ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو، اجلاس دوران ڪميٽي 26 نومبر تي احتجاج ڪندڙن تي پوليس جي مبينا زيادتي  جي مخالفت ڪندي آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي کي طلب ڪري ورتو، ڪميٽي جي چيئرمين صاحبزاده حامد رضا ۽ تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ ميمبرن الزام لڳايو ته 26 نومبر تي پرامن مظاهرين تي زيادتي  ڪيو ويو ۽ فائرنگ ۾ ڪيترائي ڪارڪن مارجي ويا، ڪميٽي اڊيالا جيل جو دورو ڪرڻ ۽ قيدين جي حالت معلوم ڪرڻ لاءِ جيل سپرنٽينڊنٽ کي خط لکڻ جو به فيصلو ڪيو، ڪميٽي ميمبر زرتاج گل چيو ته جيل سپرنٽينڊنٽ کي خط موڪليو ته ڪميٽي دورو ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته هو جلد ڪميٽي ٺاهيندو جيڪا دورو ڪندي.

  1. اڄ سيڙپڪاري ڪائونسل جو اهم اجلاس، آرمي چيف به شريڪ ٿيندو

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) جي اپيڪس ڪميٽي جو 11 هون اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي، وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، چئني صوبن جا وڏا وزير، اعليٰ فوجي ۽ سول قيادت شرڪت ڪندي، اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي فيصلن جي توثيق ڪئي ويندي.جڏهن ته ايس آءِ ايف سي تحت ترقي، سيڙپڪاري ۽ تيل ۽ گئس جي نون ذخيرن بابت بريفنگ ڏني ويندي، اجلاس دوران اهم فيصلا پڻ متوقع آهن، ان کانسواءِ نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس به جمعي تي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو ورتو ويندو، افغانستان جي صورتحال ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن بابت بريفنگ به ايجنڊا ۾ شامل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.