جئسوال جي آئوٽ تي ڀارت ۾ ٻڙڌڪ، ”آسٽريليا دوکيباز“ ٽاپ ٽرينڊ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ ڀارت کي شڪست تي شوقين کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي.
چوٿي ٽيسٽ ۾ ڀارتي ٽيم آخري ڏينهن ٻه سيشن مڪمل ڪرڻ کانپوءِ آخري سيشن ۾ ميچ هارائي وئي، پر ميچ جي نتيجي کان به وڌيڪ ڀارتي شوقينن کي جنهن شئي سڀ کان وڌيڪ مايوس ڪيو اُهو امپائرن طرفان ڀارتي اوپنر يشسوي جئسوال کي ٻي اننگز ۾ آئوٽ قرار ڏيڻ هو جنهن تي تڪرار شروع ٿي ويو آهي.
اسنيڪو ميٽر موجب، بال ۽ بيٽ جي وچ ۾ ڪو به رابطو نه ٿيو هو، ان هوندي به ٿرڊ امپائر کيس آئوٽ قرار ڏنو. ان فيصلي کانپوءِ تڪرار پيدا ٿيو ۽ ڪيترن ئي اڳوڻن ڪرڪيٽرز ان کي غلط قرار ڏنو.
ميلبورن ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾، ٿرڊ امپائر جي فيصلي تي ڀارتي ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي بحث جاري آهي ۽ هن وقت ڀارت ۾” آسٽريليا دوکيباز “ ٽاپ ٽرينڊ ڪري رهيو آهي.
ميچ جي پنجين ڏينهن پيٽ ڪمنز ڀارت جي ٻي اننگز جو 71 هون اوور هلائڻ آيو ۽ پنجين بال تي يشسوي جئسوال شاٽ کيڏي، بال بيٽ ۽ دستانن جي ويجهو گذري وڪيٽ ڪيپر اليڪس ڪيري تائين پهتو، جنهن ڪيچ ڪندي ئي زوردار اپيل ڪئي ۽ امپائر پنهنجي آڱر هوا ۾ بلند ڪئي.
اڳوڻن ڪرڪيٽر ۽ تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي جي قانونن ۾ واضح طور تي ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن فيلڊ امپائر ڪو فيصلو ڏئي ٿو ته ٿرڊ امپائر وٽ ان فيصلي کي تبديل ڪرڻ لاءِ مضبوط ثبوت هجڻ گهرجن.
جڏهن اسنيڪو ميٽر ڏيکاريو ته بال بيٽ ۽ دستانن سان رابطو نه ڪيو هو، ته کيس ناٽ آئوٽ قرار ڏيڻ گهرجي ها، ڇو ته فيلڊ امپائر جو فيصلو ناٽ آئوٽ هو.
بنگلاديش جي ٿرڊ امپائر پنهنجي اکين تي ڀروسو ڪيو، جڏهن ته آءِ سي سي جديد ٽيڪنالاجي کي صحيح فيصلن لاءِ مهيا ڪيو آهي. هي فيصلو بيٽر جي حق ۾ هئڻ گهرجي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.