واٽس ايپ طرفان پيغام رسائيندڙ پليٽ فارم ذريعي ورغلائيندڙ تفصيل پکيڙڻ جي روڪٿام لاءِ گوگل سان گڏجي ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ جي ويب ورزن ۾ اهڙي فيچر جي آزمائش شروع ڪئي وئي آهي.
فيچر ذريعي واهپيدارن کي ميسجنگ پليٽ فارم ۾ شيئر ڪيل تصويرن جي ساک جي ڇنڊڇاڻ جو موقعو ملندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ويب ورزن جي نئين بيٽا ورزن ۾ فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي ته جيئن واهپيدارن کي ويب تي گوگل سرچ ۾ تصويرن جي حقيقت ڄاڻ لاءِ ريورس سرچ جو موقعو ملي سگهي.
فيچر ذريعي واهپيدارن کي گوگل تي تصوير اَپ لوڊ ڪرڻ جو موقعو ملندو ته جيئن پتو لڳائي سگهجي ته ويب تي اِها تصوير موجود آهي يا نه.
اهڙي طريقي سان واهپيدارن کي تصوير جي پس منظر کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي ۽ هو تعين ڪري سگهندا ته تصوير ۾ ڪائي ڦير ڦار ته ناهي ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته اميج سرچ لاءِ گوگل تي اپ لوڊ ڪيل تصويرن کي گوگل ئي هينڊل ڪندو ۽ واٽس ايپ کي ان تصويرن جي مواد تائين پهچ حاصل نه هوندو.
واٽس ايپ طرفان ان سان ملندڙ جلندڙ فيچر جي آزمائش اينڊرائيڊ ايپ ۾ به جاري آهي.
ان ڏس ۾ نومبر 2024 ۾ هڪ رپورٽ ۾ سرچ آن ويب آپشن بابت ٻڌايو ويو هو جنهن ذريعي واهپيدار ريورس اميج سرچ ڪري سگهن ٿا، اِهو فيچر في الحال بيٽا ورزن ۾ سامهون آيو آهي.
گوگل ۾ ريورس اميج سرچ وارو فيچر ڊگهي عرصي کان موجود آهي پر ان کي واٽس ايپ جو سڌي ريت حصو بڻائڻ سان واهپيدارن کي وڌيڪ سهولت ملندي.
يعني واهپيدار تصوير ڊائون لوڊ ڪرڻ بنا ريورس سرچ ڪري سگهندا ۽ ڪنهن ٻي ايپ يا برائوزر کانسواءِ اِها گوگل تي اپلوڊ ڪري سگهندا.
في الحال اِهو واضح ناهي ته فيچر ڪيستائين اينڊرائينڊ يا ويب ورزن ۾ باظابطا طور متعارف ڪرائي سگهجي ٿو.
Prev Post
You might also like