ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا امرتا رائو مختلف سببن جي ڪري خبرن ۾ رهي آهي، هڪ ڏينهن ان جو ساٿي اداڪارا ايشا ديول سان تڪرار ٿيو ۽ ايشا کيس چماٽ وهائي ڪڍي.
امرتا رائو 2002 ۾ فلم ”اب ڪي برس“ سان اداڪاري جي ميدان ۾ قدم رکيو، ان فلم باڪس آفيس تي وچولي درجي جو بزنس ڪيو پر امرتا جي اداڪاري کي پسند ڪيو ويو.
امرتا کي اصل شهرت 2003 ۾ فلم ”عشق وشق“ ۾ شاهد ڪپور سان ڪم ڪري ملي هئي، جڏهن ته هن شاهد ڪپور سان ”ويواهه“ ۽ شاهه رخ خان سان ”مان هون نا“ جهڙين هٽ فلمن ۾ به ڪم ڪيو.
امرتا کي سني ديول سان گڏ فلم ”سنگھه صاحب دي گريٽ“ ۽ اجي ديوگن سان گڏ فلم ”دي ليجنڊ آف ڀڳت سنگھه“ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو پڻ مليو، جڏهن ته هوءَ اداڪاري کان هٽي ڪري مختلف سببن جي ڪري به خبرن ۾ رهي.
اهڙو هڪ واقعو 2005 ۾ فلم ”پياري موهن“ جي سيٽ تي پيش آيو، جتي ان جو ساٿي اداڪارا ايشا ديول سان تڪرار ٿيو ۽ ايشا کيس چماٽ وهائي ڪڍي، بعد ۾ ايشا چيو هو ته کيس پنهنجي عمل تي ڪو افسوس ناهي.
ايشا ديول موجب امرتا ڊائريڪٽر ۽ ڪيمرامين جي سامهون سندس بي عزتي ڪئي، جيڪو کانئس برداشت نه ٿيو.
امرتا بعد ۾ پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ۽ معافي گهري، جنهن تي ايشا کيس معاف ڪري ڇڏيو ۽ ٻنهي ۾ معاملا ٺيڪ ٿي ويا.
ايشا ديول جو چوڻ هو ته هوءَ هڪ مهذب بيڪ گرائونڊ سان تعلق رکندڙ آهي ۽ اهڙو ڪجهه ڪرڻ جي عادي ناهي، جيستائين انهن کي چيڙايو نه وڃي.
امرتا 2014 ۾ پنهنجي بواءِ فرينڊ آر جي انمول سان شادي کانپوءِ فلمي دنيا کان تقريبن پاسيري ٿي وئي، نومبر 2020 ۾ کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو هن وير رکيو.
هن آخري فلم ”ٺاڪري“ (2019) ۾ پنجن سالن جي وقفي کانپوءِ ڪم ڪيو.
You might also like