لنڊن(ويب ڊيسڪ) نئين سال جي شروعات تي ماهرن سگريٽ ڇِڪڻ واري عادت کان جند ڇڏائڻ تي زور ڏنو آهي ڇو ته نئين تحقيق موجب هر سگريٽ پيئڻ سان مردن جي زندگي سترهن منٽ ۽ عورتن جي زندگي ٻاويهه منٽ گهٽجي ٿي.
يونيورسٽي ڪاليج لنڊ جي تحقيق موجب سگريٽ ڇڪڻ جا اثر جسم ۾ گڏ ٿيندا رهندا آهن، جيترو تڪڙي اها عادت ختم ڪبي اوتري ئي زندگي وڌائي سگهجي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته مرد هر سگريٽ سان پنهنجي زندگي جا سترهن منٽ ۽ عورتون ٻاويهه منٽ گهٽائينديون آهن.
انکان اڳ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته سگريٽ ڇڪڻ سان انسان جي زندگي يارهن منٽ گهٽبي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سگريٽ جا عادي ماڻهو جيڪڏهن روز ڏهه سگريٽ پيئندو آهي يا انکان وڌيڪ پيئندو آهي ۽ جيڪڏهن اهو پهرين جنوري کان روز ڏهه سگريٽ پيئڻ گهٽائيندو يا ختم ڪندو ته اٺ جنوري تائين ان جي زندگي جو هڪ ڏينهن وڌي ويندو، ويهه فيبروري تائين ان جي زندگي هڪ هفتو وڌي سگهي ٿي جڏهن ته پندرهن آگسٽ تائين سگريٽ جي عادت ڇڏڻ سان ان جي عمر هڪ مهيني تائين وڌي سگهي ٿي.