تعليمي ادارن جي موڪلن ۾ واڌ

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي تعليمي ادارن ۾ سياري جي موڪلن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
ٿڌ جي لهر ۾ واڌ سبب صوبائي حڪومت تعليمي ادارن ۾ موڪلون وڌائي ڇڏيون.
ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري تعليمي ادارن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته سياري جي موڪلن ۾ 6 جنوري 2025 تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻ تعليمي ادارا پهرين جنوري بدران 7 جنوري تي کلندا.
واضح رهي ته سنڌ ۾ 21 کان 31 ڊسمبر تائين تعليمي ادارن ۾ موڪلون آهن ۽ پهرين جنوري کان تعليمي ادارا کُلي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.