ممبئي(ويب ڊيسڪ) سلمان خان جي ايندڙ فلم سڪندر جو گذريل ڏينهن ٽريزر جاري ڪيو ويو هو، جنهن کي هن وقت تائين رڳو يوٽيوب تي اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ ايڪيتاليهه ملينز کان وڌيڪ ماڻهو ڏسي چُڪا آهن.
ٽريزر جاري ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا جي هر پليٽ فارم تي سلمان خان ۽ سڪندر ٽريلر جا هيش ٽيگز ٽاپ ٽرينڊ بڻيل آهن.
جاري ٿيل ٽريزر ۾ سلمان خان جي انداز کي تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي، سندس ڊائلاگن کي هاڻي ئي پوسٽن جي ڪيپشن طور استعمال ڪيو پيو وڃي.
ايتري وڏي مقبوليت کي سلمان خان جي طاقت جو ثبوت قرار ڏنو پيو وڃي، سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ٿيندڙ پيهه ۽ هڪ ئي موضوع جي تعريف انٽرنيٽ کي ئي ڌوڏي ڇڏيو آهي.
هن وقت تائين شاهه رخ خان جي سڀ کان ڪامياب ٽريزر اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ 36.8 ملين، اجي جي سڀ کان ڪامياب ٽريزر 29.5 ملين، ريتڪ روشن جي ٽريزر 23 ملين ۽ ڪاميابين جا پهاڙ ڪيرائيندڙ رنبير ڪپور جي فلم جي اينيمل به رڳو اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ سو به اشتهارن ۽ ڪاميابي جي مهم کانپوءِ 22.6 ملين ويوز کي حاصل ڪيا هئا.
جڏهن ته سلمان خان جي سڪندر فلم جي ٽريزر بنا ايڊورٽائزمينٽ ۽ ڪنهن اشتهاري مهم جي ئي اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ 41.7 ملين ويوز حاصل ڪري باڪس آفيس جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.
ٽريزر جي ايڏي وڏي ڪاميابي کانپوءِ سلمان خان جي فلم کي باليووڊ جي تاريخي فلم قرار ڏنو پيو وڃي.