مرد يا عورتون؟ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سوشل ميڊيا ڪير استعمال ڪري ٿو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هونئن سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا ايپس جو استعمال ٿي رهيو آهي پر پاڪستان ۾ مرد ۽ عورتن ۾ ان جي استعمال جي شرح ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين فرق رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
دنيا ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ مردن ۽ عورتن جو وڏو انگ واڳيل آهي، پر پاڪستان ۾ ان شعبي ۾ عورتن جي نمائندگي ڳڻتي جوڳي حد تائين گهٽ آهي.
پي ٽي اي جي 2024 جي رپورٽ موجب، پاڪستان صنعي برابري ۽ ڊجيٽل شموليت جي لحاظ کان سڀ کان پوئتي آهي ۽ سوشل ميڊيا ايپس تي عورتن جي نمائندگي ۾ گهڻي حد تائين گهٽائي رڪارڊ ڪئي وئي.
پاڪستان ۾ فيسبوڪ استعمال ڪندڙ واهپيدارن جو انگ ڇهه ڪروڙ چاليهه لک کان وڌيڪ آهي، جنهن ۾ 77 سيڪڙو مرد جڏهن ته عورتن جو انگ رڳو 24 سيڪڙو آهي، ان مقبول ترين سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي صنفي فرق 68 سيڪڙو آهي.
اهڙي طرح سڄي ملڪ ۾ يوٽيوب واهپيدارن جو انگ ست ڪروڙ سترنهن لک جي ويجهو آهي، جنهن ۾ پڻ صنفي فرق نمايان آهي، 72 سيڪڙو مرد ۽ 28 سيڪڙو عورتون يوٽيوب استمال ڪن ٿيون ۽ اتي صنفي فرق 69 سيڪڙو کي ڇُهي رهيو آهي.
شارٽ وڊيوز لاءِ مقبول ايپ ٽِڪ ٽاڪ تي پنج ڪروڙ 44 لک پاڪستاني واهپيدار موجود آهي، جنهن ۾ 78 سيڪڙو مرد ۽ 22 سيڪڙو عورتون آهن ۽ اتي صنفي فرق 71 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي.
انسٽاگرام جي هڪ ڪروڙ ٽيهتر لک واهپيدارن ۾ 64 سيڪڙو مرد ۽ 36 سيڪڙو عورتون آهن، اتي صنفي فرق جي شرح 41 سيڪڙو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.