ڪراچي: پنڻ لاءِ سعودي عرب وڃڻ جي ڪوشش ۾ ٻه عورتون گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي اميگريشن پنڻ لاءِ سعودي عرب وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٻن عورتن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي ترجمان موجب ڪراچي ايئرپورٽ تي گرفتار عورتن جي سڃاڻپ عيشا ديوي ۽ نيشو ديوي طور ٿي آهي، گرفتار عورتون وزٽ ويزا تي سعودي عرب وڃي رهيون هيون، شروعاتي جاچ موجب اهي پنڻ لاءِ سعودي عرب وڃي رهيون هيون.
ترجمان وڌيڪ چيو ته جوابدار عيشا ديوي جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل هو، هوءَ اڳ به پنڻ لاءِ سعودي عرب وڃي چڪي آهي، سعودي پوليس کيس گرفتار ڪري ڊيپورٽ ڪيو هو.
ترجمان موجب گرفتار عورتن جو واسطو ڪراچي سان آهي، کين اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي، جتي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.