احمر سمنڊ ۾ شارڪ جي حملي ۾ اطالوي سياح مري ويو

قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصري اختيارين جو چوڻ آهي ته احمر سمنڊ ۾ شارڪ مڇي جي حملي ۾ هڪ اطالوي سياح مري ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.
اختيارين موجب اتر مارسه جي عالم جي علائقي ۾ ٻن پرڏيهين تي شارڪ حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص جو موت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، اهي ٻئي اطالوي شهري هئا.
مصر جي ماحوليات واري وزارت ٻڌايو ته حملو اونهي پاڻي ۾ ٿيو، جيڪو مشهور تفريحي شهر مارسه عالم ۾ جيٽي (سمنڊ ۾ بندرگاهه جي حفاظت لاءِ بند) ڀرسان هڪ سوئمنگ زون جي ٻاهر جو علائقو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.